مخدوم سجاد حسين قريشي

مخدوم سجاد حسين قريشي : تاريخي شهر ملتان جي نامور بزرگ بهاؤالدين زڪريا جي اولاد مان مخدوم سجاد حسين قريشي، درگاهه بهاؤالدين زڪريا جو گادي نشين ۽ ملڪي تاريخ جو نامور سياستدان ٿي گذريو آهي. مخدوم صاحب، 24 سيپٽمبر 1923ع تي پيدا ٿيو. هو سٺو تعليم يافته ۽ بااخلاق انسان هو. سرائيڪي سندس مادري زبان هئي، پر سنڌي ۽ انگريزيءَ تي به عبور رکندو هو. مخدوم صاحب جو ابتدا کان وٺي سياسي تعلق مسلم ليگ سان رهيو. 1962ع ۾ مسلم ليگ جي پليٽفارم تان چونڊ وڙهيو ۽ ڪامياب ٿيو ۽ 1970ع وارين چونڊن ۾ ڪامياب نه ٿي سگھيو. 1977ع وارين چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهيو ۽ ڪامياب ٿيو. جڏهن جنرل ضياءُ الحق جو دور آيو ته مخدوم سجاد حسين قريشي، مجلس شوريٰ جو رڪن، سينيٽ جو ڊپٽي چيئرمئن ۽ بعد ۾ پنجاب جو گورنر بڻيو. سجاد حسين قريشي غوثيه جماعت جو سربراهه به هو، جنهن جا مريد سڄيءَ سنڌ (خاص ڪري ٿر واري علائقي)، پنجاب جي سرائيڪي حصي ۾ گھڻي ڀاڱي، هندستان ۽ ڪجھه افغانستان ۾ به آهن. سندس وفات 23 جنوري 1998ع تي ٿي، سندس مزار به درگاهه غؤث بهاؤالدين ذڪريا جي درگاهه ۾ آهي. مخدوم صاحب پونيرن ۾ ٻه پٽ مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ مخدوم مريد حسين قريشي ڇڏيا آهن، جن مان شاهه محمود قريشي درگاهه جو گادي نشين به آهي، ته ڊگهي عرصي تائين پيپلز پارٽيءَ جو اهم ليڊر به رهيو ۽ ڪجهه وقت پيپلز پارٽيءَ جي سرڪار ۾ پرڏيهي وزير پڻ رهيو. اڳتي هلي پ پ سان اختلاف ڪري ’پاڪستان تحريڪ انصاف‘ ۾ شامل ٿيو ۽ هن وقت ان پارٽيءَ جو مرڪزي وائيس چيئرمئن آهي.


لفظ مخدوم سجاد حسين قريشيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1923.09.24  عيسوي

تاريخي شهر ملتان جي نامور بزرگ بهاؤالدين زڪريا جي اولاد مان مخدوم سجاد حسين قريشي، درگاهه بهاؤالدين زڪريا جو گادي نشين ۽ ملڪي تاريخ جو نامور سياستدان ٿي گذريو آهي. مخدوم صاحب، 24 سيپٽمبر 1923ع تي پيدا ٿيو.


1998.01.23  عيسوي

سجاد حسين قريشي جي وفات 23 جنوري 1998ع تي ٿي، سندس مزار به درگاهه غؤث بهاؤالدين ذڪريا جي درگاهه ۾ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اليگزينڊر ڪننگھام
مولانا قمر الدين انڍڙ
گهرام فقير جتوئي
حڪيم حاجي محمد حسين شيخ
دلمراد جمالي
جيانتي ڪرپلاڻي
پيرتقي شاهه
رحيم بخش سومرو
خواجه خورشيد انور
سر وليم فرمليئن
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون